زميني دوربين

زميني دوربين

زميني دوربين

زميني دوربين (The Terrestrial Telescope): زميني دوربين ڪنهن نقش/ شيءِ کي ڏسڻ لاءِ استعمال ڪبي آهي. زمين تي ڪنهن شيءِ يا نقش کي سڌو ڏسبو آهي، جيئن ڪنهن جهاز جو ڪپتان ڪنهن ٻئي جهاز کي ڏسندو آهي يا ڪنهن مقرر نشان کي ڏسندو آهي، ان لاءِ زمين جي دوربين ۾ ٽيون ڪائو به وجهبو آهي، جيڪو ابتي نقش کي سبتو ڪري ڏيکاري ٿو. هر ٽيلي اسڪوپ جي آبجيڪٽونيس ۽آءِ پيس ۾ ٻه وڌيڪ لينس ٿيندا آهن. انهن آءِ پيسز ۽ آبجيڪٽوِ لينسن ذريعي خاص ڪمن لاءِ خاص نموني جا تجربا ڪبا آهن ته جيئن ضرورت وقت اهي دوربينون ڪم اچن، اتي جي خاص مسئلن کي منهن ڏئي سگهن. زميني دوربين ڪنهن ڏورانهن شيءِ کي ابتو، پر اصلي نقش ۾ ڏيکاري ٿي. لينس- 1 جسمي ڪائو، ابتي نقش کي سبتو ڪري ڏيکاري ٿو. لينس- 1 جو فاصلو جسم کان ايندڙ ڪرڻا هوندا آهن، جيڪي فوڪس ڪن ٿا ۽ ٻيو ابتو نقش جوڙي سڌو ڪري اصلي نقش ٺهي ٿو، لينس- 2 انهيءَ نقش کي سڌو نقش ٿو ڏي ۽ ابتي نقش کي سبتو ڪري ٿو. لينس-3 وري جسم بڻائي وڏو ٿو ڪري. هيءَ دوربين اڪثر روڊن جي تعمير ۾ سڌائي جانچڻ لاءِ ۽ انجنيئرنگ جي ڪمن ۾ ڪتب آندي وڃي ٿي.


لفظ زميني دوربينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو